اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪم??نر سڪندر سلطان راجا کي چونڊن بابت مشاورت جي ??اءِ 20 فيبروري 2023ع تي ايوان صدر ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت ڏني آهي. اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 57 (1) تحت ص??ر عام چونڊن جي تاريخ يا تاريخن جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان مشاورت کانپوءِ ڪندو. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب چيف اليڪشن ڪم??نر جي ??الي پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته سندس 08 فيبروري جي خط کانپوءِ ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ??يصلي ۽ سپريم ڪورٽ جي تازي مشاهدن جهڙي ڪجهه اهم اڳڀرائي ٿي آهي. صدر پنهنجي ??هرين خط ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جواب نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو بي چيني سان انتظار ڪري رهيو هو ته ڪميشن پنهنجي آئيني فرض جو احساس ڪندي ۽ ان موجب ڪم ڪندي. هن چيو ته ان اهم معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي افسوسناڪ رويي سان انتهائي مايوسي ٿي آهي. پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته آئين جي تحفظ ۽ دفاع جي ??نهنجي آئيني ذميواري جو احساس ڪندي چيف اليڪشن ڪم??نر کي 20 فيبروري 2023ع تي پنهنجي آفيس ۾ چونڊن تي مشاورت جي ??اءِ هنگامي ملاقات جي ??اءِ گهرايان ٿو.
صدر پاران چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي چونڊن بابت مشاورت جي لاءِ 20 فيبروري 2023ع تي ايوان صدر ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ