انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ??تا??ي عو??م پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر زلزلي جي تباهين ۽ انساني جانين جي زيان جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي، ترڪيه ۾ زلزلي متاثر آخري شخص جي مڪمل بحالي تائين پاڪ??تا?? جي عوام سک سان نه ويهندي جڏهن ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاڪ??تا?? پاران زلزلي متاثرين جي مدد تي ??زيراعظم جا ٿورا مڃ??ا. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. انقره ۾ صدارتي ڪمپليڪس پهچڻ تي صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ترڪيه جي صدر سان ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ??يندڙ ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ هزارين قيمتي جانين جي زيان ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ وڏي نقصان تي ترڪيه جي صدر ۽ ترڪ قوم سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. 6 فيبروري تي ترڪيه جي مختلف علائقن کي ان تباهي آڻيندڙ زلزلي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو. پاڪ??تا?? ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا??ي عو??م پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر انهن جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? جي عوام ان وقت تائين آرام سان نه ويهندي جيستائين زلزلي کان متاثر علائقن ۾ آخري شخص جي مڪمل بحالي نٿي ٿي وڃي. صدر اردوان تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيءَ جي لاءِ پاڪ??تا?? جي ٺوس حمايت تي ??زيراعظم جا ٿورا مڃ??ا. ??ن ان ڳالهه کي ورجايو ته پرعزم ترڪ قوم هن قدرتي آفت مان اڳ کان وڌيڪ طاقت ۽ عزم سان نڪرندي. وزيراعظم ترڪيه ۾ ايندڙ شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيه سان پاڪ??تا?? جي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار لاءِ خصوصي طور تي ترڪيه جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ اتي ??وجود پاڪ??تا??ي ريسڪيو ۽ ريڪوري ٽيمن سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ آهن.
پاڪستان جي عوام ترڪيه ۾ زلزلي متاثر آخري شخص جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ