اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳ??ڻي چيني صدر جيانگ زي من جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو، هن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني قيادت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيني سفير نونگ رونگ سان پڻ تعزيت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيني سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڳ??ڻي چيني صدر جي لاڏاڻي تي گهرو ڏک ۽ افسوس ٿيو. منهنجا خيال ۽ مخلصاڻيون دعائون اڳ??ڻي صدر جي گهرڀاتين، دوستن ۽ چيني عوام سان گڏ آهن. صدر عارف علوي چيو ته جيانگ زي من هڪ بهترين سياستدان ۽ ڏاهو اڳواڻ هو، اڳ??ڻي صدر ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي سطحن تي عالمي امن ۽ استحڪام کي فروغ ??نو، جيانگ زيمن پاڪستان جو هڪ عظيم ۽ بااعتماد دوست هو. هن چيو ته جيانگ زيمن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل دوستي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انمول ڪردار ادا ڪيو، اڳ??ڻي صدر پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي غيرمعمولي اعتماد، افهام ۽ تفهيم، اسٽريٽجڪر ابطي ۽ وسيع تر عملي تعاون تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان سي پيڪ تحت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ منصوبا پاڪستان جي ڏورانهن علائقن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري جي عڪاس?? ڪن ٿا، سي پيڪ پاڪستان جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪيو آهي، خصوصي اقتصادي زونز کي جلد مڪمل ڪرڻ ??يڙ??ڪاري کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. صدر ڪورونا ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران چين جي فراخدلاڻي امداد تي ٿورا مڃيا. بعد ۾ پاڪستان ۽ چين جي سرڪاري ميڊيا کي جاري ڪيل پريس بيان ۾ صدر چين جي اڳ??ڻي صدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ پائيدار امن، عالمي ۽ علائقائي معاشي ۽ مالياتي استحڪام ۾ چين کي مرڪزي حيثيت حاصل ٿي وئي آهي.
صدر پاران اڳوڻي چيني صدر جيانگ زي من جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria