اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايوان صدر ڪشمير معاملن واري وزارت سان رابطي ۽ مشاورت کانپوءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻين س??اسي نمائندن کي دعوت ڏيندو، اجلاس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ج?? بي گناهه مسلمانن جي خلاف ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪيو ويندو. ايوان صدر ج?? پريس ونگ مان جاري بين موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ج?? وزيراعظم سردار تنوير الياس خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير صدر کان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ج?? حڪومت لاءِ مناسب بجيٽ مختص ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ج?? ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڪشميري پناهگيرن جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي مناسب بجيٽ مختص ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڀارت جي نيشنل انويسٽي گيشن ايجنسي جي خصوصي عدالت پا??ان حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي غير قانوني ۽ سياسي بنيادن تي عمر قيد ??ي سزا ??ي سخت مذمت ڪئي، هن انساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پا??ان والاريل ڪشمير ج?? مسلمانن ۽ ڀارت جي ٻي?? اقليتن جي خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن.
صدر سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم جي مُلاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی