اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي معاملي تي سول ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهي، پ??ڪس??ان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به سول ۽ عسڪري قيادت جي ايترا بهترين لاڳاپا نه رهيا آهن جيترا اڄ آهن، ان جو ڪريڊٽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر ??او??د باجوه ڏانهن وڃي ٿو، افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏ??و وڃي، افغانستان ۾ عدم استحڪام جي صورتحال پوري دينا جي لاءِ نقصان جو باعث بڻج?? سگهي ٿي، ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافو آهي، مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان نئين اڪنامڪ پاليسي فريم ڪئي آهي، نومبر جي مهيني ۾ ٽي وڏا پروگرام شروع ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ صحت ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس ڪارڊ شامل آهن، وزيراعظم پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف جي سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن شاندار طريقي سان ملهايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اسان جو فوڪس افغانستان تي هو، وزيراعظم پارلياماني پارٽي جي ميمبرن کي افغانستان جي صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو، پ??ڪس??ان جو موقف آهي ته هن وقت افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏ??و وڃي، انساني همدردي جي جذبي سان افغانستان لاءِ امداد جاري رهڻ گهرجي، هن چيو ته اسان افغانستان لاءِ ويزا ۾ سهولت فراهم ڪئي، افغانستان سان واپار کي وڌايو آهي، اسان افغانستان ۾ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪري رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته دنيا به افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏ??، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي ٻڌايو ته جيڪڏهن افغانستان کي اڪيلو ڇڏ??و ويو ۽ اتي عدم استحڪام پيدا ٿيو ته افغانستان ۾ دهشتگرد ۽ انتهاپسند گروپ پنهنجي جڳهه بڻائ?? سگهن ٿا، اهڙي صورتحال افغانستان جي سان گڏوگڏ دنيا ۽ پ??ڪس??ان لاءِ به نقصان جو سبب بڻج?? سگهي ٿي. هن چيو ته افغانستان ۾ استحڪام لاءِ دنيا کي پنهنجون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي معاملي کان به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر ??او??د باجوه ۽ وزيراعظم جا خوشگوار ۽ ويجها لاڳاپا آهن، سموري نقطه نظر تي اسان گڏجي ويهي ڳالهيون ڪندا آهيون، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي حوالي سان معاملي تي به صورتحال اها ئي رهي، هن چيو ته پ??ڪس??ان جي تاريخ ۾ ڪڏهن سول ۽ عسڪري قيادت جا ايتري بهترين لاڳاپا ناهن رهيا جيتري اڄ آهن، ان جو ڪريڊٽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر ??او??د باجوه ڏانهن وڃي ٿو جنهن سدائين پ??ڪس??ان ۽ جمهوريت ۽ سول حڪومت کي اداره جاتي سپورٽ ڏني، اڄ پ??ڪس??ان جي عوام کي فوج جي عزت ۽ وقار عزيز آهي. هن چيو ته وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي ٻڌايو ته ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس جي مقرري بابت معاملا مڪمل طور تي طئي ٿي چڪا آهن، پراسيس شروع آهي، ان جي مقرري جلد ٿيندي، ان تي سول ۽ ملٽري ٻئي پاس آن بورڊ آهن، اعتماد جي فضا ۾ اهو فيصلو ٿيندو، وفاقي وزير چيو ته پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي تي به ڳالهه ٿي، هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافو آهي، پيٽرول جي قيمت 40 ڊالر في بيرل مان وڌي 80 ڊالر في بيرل کان ٽپي وئي آهي، 2018ع ۾ پام آئل جي قيمت 518 کان 520 ڊالر ميٽرڪ ٽن هئي جيڪا اڄ 1200 ڊالر جي ويجهو آهي، هن چيو ته مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان نئين اڪنامڪ پاليسي فريم ڪئي آهي، نومبر جي مهيني کان اسان ٽي وڏا پروگرام شروع ڪري رهيا آهوين، جنهن ۾ صحت ڪارڊ ۽ احساس ڪارڊ شامل آهن، صحت ڪارڊ خبرپختونخوا ۾ ملي چڪو آهي، هاڻي پنجاب جي عوام کي صحت ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو جنهن تحت پنجاب جي هر خاندان ساڍا 7 لک روپين جو ميڊيڪل انشورنس حاصل ڪر?? سگهندو. هن ٻڌايو ته صحت ڪارڊ جي فراهمي جو سلسلو نومبر کان شروع ٿيندو ۽ مارچ تائين مڪمل ٿي ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته احساس ڪارڊ جي لاءِ سموري ڊيٽا گڏ ڪئي وئي آهي، غريب ۽ پوئتي پيل ماڻهن کي احساس ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو. احساس ڪارڊز جي ذريعي غريب ماڻهو نه رڳو يوٽيليٽي اسٽورز پر عام دڪانن تان به سستيون شيون خريد ڪر?? سگهندا، چوڌري فواد حسين چيو ته پنجاب حڪومت مزدور ڪارڊ جاري ڪري رهي آيه جنهن سان مزدورن کي فائدو ٿيندو، آبادگارن کي سبسڊي جي فراهمي لاءِ آبادگار ڪارڊ به جاري ڪيو پيو وڃي، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پي ٽي آءِ جي سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن شاندار طريقي سان ملهايو وڃي. وزيراعظم 12 ربيع الاول جي موقعي تي رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. 12 ربيع الاول تي ٻه وڏيون تقريبون ٿينديون، هڪ تقريب ايوان صدر ۾ ٻي ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندي، وزيراعظم وڏي مذهبي ميڙ کي خطاب ڪندو، هن چيو ته سمورن ٽي وي چئنلز کي درخواست ڪئي وئي آهي ته رحمت اللعالمين ﷺ جي حوالي سان موضوعن تي پروگرام نشر ڪيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته رسول اڪرم ﷺ جي ذات پاڪ حق جو پيغام آهي، ان جي روشني ۾ اسان اڳتي وڌنداسين.
ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي معاملي تي سول ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس