اسلام آباد – 27 آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊين??شن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس هتي منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، سي ڊي اي چيئرمين وزيراعظم کي وفاقي گادي واري شهر ۾ تعميرات جي شعبي ۾ ڏنل مراعتن، ??مرشل، رهائشي تعميرات جي حوالي سان هيستائين ڏنل منظورين، ويجهي مستقبل ۾ شروع ٿيندڙ منصوبن، پارڪ انڪليو ٿري منصوبي ۽ بليو ايريا ۾ ڪمرشل پلاٽس جي نيلامي ۾ اڳڀرائي ۽ سي ڊي اي جي مڪمل آٽوم??شن تي بريفنگ ڏني.
وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔