استنبول – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گني جي صدر ايلفا ڪونڊي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن جي نائين ڊي ايٽ سربراهه اجلاس جي موقعي تي ??رڪي جي تاريخي شهر استنبول ۾ هي ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ دفاع، زراعت، تعليم، ري??وي، بينڪنگ ۽ تعميرات جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون وڌائڻ تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته آفريقا لاءِ پاڪستان جو ويزن مضبوط ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي واپار، سيڙپڪاري ۽ دفاعي تعاون ??ي ذريعي وڌائڻ آهي جڏهن ته پبلڪ پرائيويٽ حصيداري ۽ گڏجي اڳتي وڌڻ آهي. پاڪستان ۽ گني جي تعاون ??ي حوالي سان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کيس ٽيڪسٽائيل، ليڌر، انفرااسٽرڪچر جي ترقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ايس ايم ايز تجربي مان فائدو کڻڻ جي آڇ ڪئي.
وزيراعظم سان گني جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب