اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) صدر ممن??ن حسين چيو آهي ??ه ڀارت خطي جي امن ۽ استحڪام ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ڪشمير مسئلي جو واحد حل گڏيل قومن جي قراردادن موجب ٿيڻ گهرجي، ڪنٽرول لائين تي مسلسل جارحيت ۽ بي گناهه ڪشميرين تي ظلم قابل مذمت آهي، انتهاپسندي جي خاتمي جي لاءِ حڪومت، پارليامينٽ جا ميمبر، سياسي پارٽيون ۽ علمي ۽ تحقيقي ادارن کي فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، افغان قيادت کي گڏيل تعاون سان سرحدي نظام بهتر بڻائڻ جي دعوت ڏيون ٿا، چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي تي پوري خطي جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جو ذريعو بڻجندو، پاڪستان ۾ واڌ ويجهه جي شرح گذريل 10 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ بلند سطح تي آهي. ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ جي ٻنهي ??يوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ممن??ن حسين چيو ته پاڪس??ان?? جمهوريت وڏا لاها چاڙها ڏٺا آهن، اسان جي جمهوريت آزمائش جي گهڙين مان به گذري آهي ۽ قوم جي عزم جي ڪري ان وڏا معرڪا به سر ڪيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي پارليامينٽ جو پنهنجي حقيقي مقصد حاصل ڪرڻ طرف ڪاميابي سان سفر جاري آهي، هي ??هد ان اعتبار کان گهڻي معنيٰ رکندڙ آهي ??ه بي شمار مشڪلاتن جي باوجود پارليامينٽ پنهنجي فيصلائتي حيثيت نه صرف برقرار رکي پر انتهائي شديد سياسي اختلافن جي باوجود قومي اتحاد جي سڀ کان وڏي علامت بڻجي اڀري ، تاريخ ۾ ان جو هي ڪردار سدائين رکيو ويندو جنهن تي توهان سڀني کي ۽ پاڪس??ان?? قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو.
ڀارت خطي جي امن ۽ استحڪام ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي: صدر ممنون
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará