بيجنگ – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين لن??هه يورپ ۽ پوري دنيا کي ڳنڍيندو، عالمي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان موقعي تي سڀني کي فائدو ٿيندو. گڏيل پڌرنامي کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ هن ??ورم منعقد ڪرڻ تي چيني صدر کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته چيني قيادت فورم کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪيو، گڏيل خوشحالي جي لاءِ تعاون جو موضوع تحسين جوڳو آهي، ون بيلٽ ون روڊ عالمي امن، ترقي ۽ خوشحالي جو پروگرام آهي. وزيراعظم خطي ۽ دنيا جي لاءِ فورم کي تاريخي بڻائڻ تي چيني حڪومت ۽ عوام جي ڪوششن کي ساراهيو. ه?? چيو ته وڏي انگ ?? مملڪتي سربراهن ۽ عالمي اڳواڻن جي شرڪت چيني صدر جي اعليٰ قيادت جو ثبوت ۽ عالمي منظر تي چين جي اڀرندڙ حيثيت جو اعتراف آهي. ه?? چيو ته فورم جي ڪاميابي ۽ او بي او آر جي صلاحيت کي امن، ترقي ۽ خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻ منهنجي لاءِ، منهنجي حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ وڏي خوشي جو سبب آهي.
پاڪ چين لنگهه يورپ ۽ پوري دنيا کي ڳنڍيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ