اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد ن??از شريف جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي قطعي برداشت نه ڪرڻ جي واضح پاليسي کي ورجائيندي ان ڳالهه کي ??جاگر ڪيو ويو آهي ته قومي پاليسي جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ڪوششون جاري رکيون وينديون، فوجي عدالتن انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، وفاقي حڪومت فوجي عدالتن کي ??اري رکڻ لاءِ آئيني ترميم تي مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن بابت اعليٰ سطحي اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس دوران دهشتگردي جي خاتمي جي آپريشنز ذريعي ملندڙ ڪاميا??ين کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ کي نظر ۾ رکندي داخلي ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال ج?? تفصيلي جائزو ورتو ويو.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش