گڏيل قومون -31 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائ??نس?? چيو آهي، ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) مان پاڪستان جي سلامتي کي سنگين خطرا درپيش آهن، سرحد جي ٻئي پاسي کان دهشتگرد حملن ۾ ٽي ٽي پي ۽ افغان طالبان وچ ۾ خاص طور تي پاڪستان خلاف سه??ار وڌي رهيو آهي. ڪائ??نس?? جو داعش، القاعده ۽ ان جي ساٿي گروپن بابت ڪائ??نس?? جي تجزياتي معاونت ۽ پابندين جي نگراني ڪندڙ ٽيم جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته طالبان جي رضامندي ۽ ڪيڏي مهل حمايت سان ٽي ٽي پي پاڪستان اندر حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ بنيادي طور فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويندو آهي، پاڪستان کي هاڻوڪن مهينن ۾ 800 کان وڌيڪ حملن کي منهن ڏيڻو پيو، ٽي ٽي پي جون ڪيمپون القاعده ۽ طالبان جي شموليت سان مقامي افغان ويڙهاڪن ۽ ٽي ٽي پي جي دهشتگردن کي تربيت ڏينديون آهن، ٽي ٽي پي وٽ 6000 کان 6500 ويڙهاڪ آهن، جيڪي افغانستان ۾ حاصل ڪيل نيٽو هٿيارن کي استعمال ڪندا آهن جن ۾ نائٽ ويزن اوزار به شامل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو ??هي ته القاعده ٽي ٽي پي لاءِ هٿيارن ۽ خودڪش جيڪٽن جي خريداري لاءِ فنڊنگ ڪري رهي آهي. افغانستان مان دهشتگردي جا خطرا گڏيل قومن جي ڪيترن ئي ميمبر ملڪن ۾ ڳڻتي جو سبب بڻجي رهيا آهن. رپورٽ مطابق پاڪستان لڳا??ار عالمي برادري جو ڌيان ٽي ٽي پي جي دهشتگردن کان سلامتي کي درپيش خطرن طرف ڇڪايو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي، ته انهن کي پرڏيهي حمايت به حاصل آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ??هي ته القاعده جي ڪجهه اهلڪارن جو افغانستان جي نئين اندروني سفر، تربيت، ڀرتين ۽ نئين سر تنظيم سازي جون سرگرميون سامهون آيون آهن. رپورٽ ۾ گڏيل قومن جي ڪيترن ميمبر ملڪن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي، ته القاعده جي اڳواڻ ابو اخلاص المصري ڪنڙ صوبي ۾ ٽي ٽي پي کي خودڪش بمبارن جي تربيت فراهم ڪرڻ ۾ جماعت الاحرار سان تعاون ڪ??ي رهيو هو، ٻن رياستن ٽي ٽي پي کي 26 مارچ جي حملن جو ذميوار قرار ڏنو هو. پاڪستان جي خيبر پختونخوا صوبي ۾ بشام ويجهو هائيڊرو پاور ڊيم پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين خلاف ٽي ٽي پي ۽ طالبان وچ ۾ سه??ار ۾ اضافو ٿيو آهي، افغانستان ۾ افرادي سگهه ۽ تربيتي ڪيمپن جو گڏجڻ ۽ تحريڪ جهاد پاڪستان (ٽي جي پي) جي بينر هيٺ وڌيڪ خطرناڪ حملا ڪري رهيا آهن، انهي لاءِ ٽي ٽي پي ٻين دهشتگردن گروهن لاءِ هڪ وڏي تنظيم ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو ??هي ته ڪجهه ميمبر ملڪن جو اندازو آهي، ته سندن اثر هيٺ علائقن ۾ قيادت جي اندروني اختلافن باوجود داعش جي ويڙهاڪن جو تعداد 4000 مان وڌي 6000 ٿي ويو ??هي جڏهن ته ٻين جو اندازو ??هي ته انهن جو تعداد 2000 کان 3500 ويڙهاڪن وچ ۾ رهجي ويو آهي. جيستائين القاعده جو تعلق آهي، ته افغانستان ۾ ان جي حيثيت، مقام ۽ طاقت ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي.
ٽي ٽي پي مان پاڪستان جي سلامتي کي سنگين خطرا درپيش: سلامتي ڪائونسل
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II