غزه – 14 مارچ (اي پي پي) غزه جي ڏکڻ واري عل??ئقي رفح ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري جي غذائي امداد جي فراهمي واري مرڪز تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ عملي جو هڪ ڪارڪن مارجي ۽ 22 ٻيا زخمي ٿي پيا. بي بي سي مطابق يو اي?? آر ڊبليو اي جي سربراهه فلپ لازاريني چيو آهي ته اداري جي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملا معمول بڻجي چڪا آهن هن چيو ته اهي حملا بين الاقوامي انساني قانون جي ڀڃڪڙي آهن. غزه ۾ صحت واري وزارت جي اخ??يا??ين چيو آهي ته يو اي?? آر ڊبليو اي جي مرڪز تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ پنج ڄڻا مارجي ويا. يو اي?? آر ڊبليو اي جي ترجمان جوليٽ ٽوما ٻڌايو ته خيال ڪيو پيو وڃي ته 60 ماڻهو ان مرڪز ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، جيڪو خوراڪ ۽ ٻئي ضروري سامان جي گودام طور پڻ استعمال ڪيو وي??دو آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے