بنڪاڪ-22 مارچ (اي پي پي) عالمي تن??يمن ۽ سڄي دنيا جي ملڪن هانگ ڪانگ طرفان قومي سلامتي جي نئين قانون جي حتمي منظوري تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. جاپاني خاب??و اداري موجب هانگ ڪانگ جي قانونساز ڪائونسل متفقه طور تي قومي سلامتي جو بل منظور ڪيو آهي جنهن تحت رياستي رازن جي چوري، جاسوسي ۽ پرڏيهي مداخلت سميت، قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهندڙ ڪاررواين جي منع ڪندا. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس چيو آهي ته قانون جي ڪجهه شقن ۾ جهول آهي ۽ اه?? اختلاف راءِ جو اظهار ڪندڙن ک??نس??اءِ صحافين ۽ انساني حقن جي علمبردارن کي هروڀرو نشانو بڻائي سگهن ٿيون. آفيس چيو ته ان طرح جي اه?? قانون کي مڪمل غور ۽ فڪر لاءِ گهربل وقت ڏيڻ ک??نس??اءِ تڪڙ ۾ منظور ڪرڻ هانگ ڪانگ ۾ انساني حقن جي تحفظ ڏانهن ناڪاري قدم آهي. برطانيه جي پرڏيهي وزارت چيو ته هي قانون هانگ ڪانگ جي ماڻهن ۾ پنهنجو آواز دٻائڻ جي ثقافت کي هٿي ڏيندو ۽ اظهار جي آزادي، ميڙاڪي جي حق ۽ ميڊيا جي آزادي تي جاري راتاهن جي عمل کي سگهه ڏيندو. وزارت هانگ ڪانگ جي عملدارن تي زور ڀريو ته هو بنيادي انساني حقن ۽ آزادين جو احترام ڪن. يورپي يونين چيو ته هي قانون هانگ ڪانگ ۾ يورپي يونين جي شهرين، تن??يمن ۽ ڪمپين کي متاثر ڪري سگهي ٿو.
هانگ ڪانگ جي قومي سلامتي جي نئين قانون تي عالمي برادري پاران ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو