غزه-17 آڪٽوبر (اي پي پي)غزه ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي فضائ?? حملن ۾ وڌيڪ 71 فسلطيني شهيد ٿي ويا آهن ۽ اسرائيلي فوج طرفان اتر غزه جي 10 لک کان وڌيڪ رهواسين کي علائقو خالي ڪرڻ جي الٽيمٽم کانپوءِ هزارين فسلطيني غزه ۽ مصر جي سرحد تي واقع رفح ڪر??سنگ تي گڏ ٿي ويا آهن، جڏهن ته اسرائيل طرفان عدم تعاون سبب هي راهداري اڃان تائين ناهي کولي وئي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ۽ سندس برطانوي هم منصب جيمز ڪليورلي چيو آهي ته هو رفح ڪر??سنگ کي ٻيهر کولڻ لاءِ اسرائيل، مصر ۽ خطي جي ٻين ملڪن جي عملدارن سان گڏجي ڪم ??ري رهيا آهن پر گڏيل قومن چيو ت?? رفح ڪر??سنگ کي ٻيهر کولڻ جي باري ۾ ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي. مصري عملدار ان سلسلي ۾ اسرئيل تي عدم تعاون جو الزام لڳائيندي چيو ته هو غزه تي فضائ?? حملا مسلسل جاري رکيا آهن جنهن سبب غزه کان ٻاهر وڃڻ وارا سمورا رستا بند آهن. اسرائيلي فوج گذريل هفتي غزه جي ناڪابندي جو حڪم ??نو هو ۽ پاڻي، خوراڪ جي سپلائي بند ڪري ڇڏي هئي. سومر ڏينهن جنگ بندي جي اطلاعن تي غزه جا هزارين رهواسي ٻاهر وڃڻ لاءِ رفح ڪر??سنگ تي گڏ ٿي ويا تنهن هوندي به اسرائيلي وزيراعظم ۽ حماس ٻنهي جنگ بندي جي ترديد ڪئي جنهن سبب اهي ماڻهو اڃان تائين رفح ڪر??سنگ تي ڦاٿل آهن. هي ڪر??سنگ غزه مان نڪرڻ جو واحد امڪاني رستو آهي پر اسرائيلي غزه تي پنهنجي فضائي مهم شروع ڪرڻ کانپوءِ رفح ڪر??سنگ پوائنٽ جي ڀرپاسي جي علائقن کي گهٽ ۾ گهٽ 3 ڀيرا نشانو بڻايو آهي، آمريڪا ۽ برطانيه سميت ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي شهرين کي رفح ڪر??سنگ ڏانهن وڃڻ جي سفارش ڪئي آهي جيڪي ان کي ٻيهر کولڻ لاءِ تيار آهن. مصر ۽ ٻين عرب رياستن جو چوڻ آهي ته هي ناقابل قبول هوندو ڇاڪاڻ ته هي فسطلينين کي سندن سرزمين تان بي دخل ڪرڻ جي برابر هوندو، ٻئي پاسي غزه جي گهرو وزارت ٻڌايو ته خان يونس ۽ رفح ۾ واقع گهرن کي سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات اسرائيل?? حملن ۾ نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 71 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
غزه ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ وڌيڪ 71 فسلطيني شهيد
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس