اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) 31 جولاءِ تي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي ڪائونسل (سي ايف ايم) جو هڪ غير معمولي ۽ ورچوئل اجلاس منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ سوئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ ان جي مقدس ورقن کي ساڙڻ وارن واقعن تي غور ويچار ڪيو ويندو. اهو اجلاس سعودي عرب ۽ جمهوريه عراق جي درخواست تي سڏايو ويو آهي. او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو اهو هنگام?? اجلاس هلندڙ سال 2 جولاءِ تي جده ۾ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ ۾ منعقد هڪ غير معمول?? اجلاس بعد او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي جاري ڪيل حتمي بيان جي جواب ۾ سڏايو ويو آهي. بيان ۾ سوئي??ن ۾ قرآن پاڪ جي مقدس ورقن کي باهه ڏيڻ تي ڌيان ڇِڪائڻ ۽ ضرورت پوڻ تي اعليٰ سطحي هنگام?? اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا