اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته صحافين کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي هيَت تبديل ٿي چڪي آهي، ان ۾ ??وب??ئيل جرنلز اهميت اختيار ڪري وئي آهي، ??وب??ئيل جرنلزم خبر جي نشر ۽ اشاعت کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ??وب??ئيل جرنلزم جي ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪن??ي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اطلاعات واري وزارت جي ادارن پي ٽي وي، اي پي پي ۽ ريديو پا??ستان جي رپورٽرز کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن ??يو ته 2018ع ۾ اسان انفارميشن سروس اڪيڊمي جو پورو نصاب جوڙي ڇڏيو هو. انفارميشن سروس اڪيڊمي کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن ??يو ته اطلاعات واري وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پا??ستاني مشنز جي آفيسرن جي ورچوئل ٽريننگ ٿيڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ??وب??ئيل جرنلزم جي تربيتي ورڪشاپ ۾ عورتن جو وڏو انگ ڏسي خوشي ٿي، عورتون ڪنهن به طرح مرد صحافين کان پٺتي نه آهن. هن ??يو ته گذريل چئن سالن دوران عورت صحافين اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، عورتن جي هر شعبي ۾ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. واضح رهي ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ ??وب??ئيل جرنلزم تي ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ 27 ۽ 28 م??ي 2022ع تي انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ منعقد ٿيو. پڄاڻي واري تقريب ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد، پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.
صحافين کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی