اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??ڱاري ڏينهن اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پڻ ويو ۽ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ??ردار اختر مينگل، ڊاڪٽر خالد مگسي، شاهه زين بگٽي ۽ اسلم ڀوتاڻي سان پڻ ملاقاتون ڪيون. شهباز شريف وزيراعظم جي عهدي تي پنهنجي نامزدگي، حماي?? ۾ ??وٽ ڏيڻ ۽ تعاون تي سڀني قائدين، اڳواڻن ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف ??تحادي پارٽين جي قائد??ن سان ڪابينا جي جوڙجڪ تي اهم مشاورت پڻ ڪئي. هن چيو ته اسان انهي جذبي ۽ گڏيل اعتماد سان اڳتي وڌنداسين جنهن جي ذريعي هن منزل تا??ين پهچڻو آهي. هن اتحادي پارٽين جي قائدين کي يقين ڏياريو ته اتحاد، مشاورت ۽ تعاون سان اڳتي وڌنداسين ۽ گڏجي مسئلا حل ۽ واعدا پورا ڪنداسين.
وزيراعظم شهباز شريف جُون اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان جدا جدا ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر