اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر نا??ام آهي، اها پهرين به نا??ام ٿي هاڻي به نا??ام ٿيندي، ان جي ايجنڊا رڳو پنهنجي ڦرلٽ ۽ چوري کي بچائڻ آهي، مخالف ڌر وٽ نمبر پورا نه آهن، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري فالودي واري، پاپڙ واري ۽ مقصود چپڙاسي جهڙن ڪردارن کي بچائڻ چاهين ٿا. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام سان انهن جو ڪو به تعلق نه آهي. عوام جي لاءِ انهن جي ڪا به جدوجهد نه آهي، 40 سالن کان اهي ملڪ کي ڦريندا رهيا آهن، هاڻي به هو اهڙي طرح جي ??لي?? ميلنگ ڪري رهيا آهن، اسان نه اڳ ۾ مخالف ڌر کان ??لي?? ميل ٿيا آهيون ۽ نه هاڻي انهن کان ??لي?? ميل ٿينداسين لکي وٺو. انهن کي نا??ام ٿيڻو آهي، وزيراعظم عمران خان جي سڄي صورتحال تي گهري نظر آهي ۽ فيصلا به ڪندو، جنهن جو نظريو ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جو پئسو بچائڻ هجي ان مخالف ڌر مان حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي، پي ٽي آءِ جي ميمبرن جا خدشا ختم ڪنداسين. اهي اڳ ۾ به عمران خان سان گڏ هئا ۽ هاڻي به گڏ آهن. موقف سان اختلاف ٿي سگهي ٿو اسان سڀني جو موقف ٻڌنداسين ۽ خدشن کي ختم ڪنداسين. وقت اي??دو ته مخالف ڌر جي حمايت ڪندڙ اميدوارن جو انگ سامهون اچي ويندو.
مخالف ڌر ناڪام آهي، اها پهرين به ناڪام ٿي هاڻي به ناڪام ٿيندي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز