نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ٻاهرين ملڪ پا??ستاني سفارتخانا ۽ مشنز پرڏيهي پا??ستانين جي سهولت لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهن، ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال جي دوران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستانين 29.4 ارب ڊالر جو تاريخي مٽاسٽا جو ناڻو پا??ستان موڪليو جنهن تي پوري قوم انهن جي ٿورائتي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ پا??ستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام قونصليٽ جنرل نيويارڪ جي پاران ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ۽ آمريڪا ۾ پا??ستان جي سفير اسد مجيد به شرڪت ڪئي. ان موقعي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجو واعدو هيو ته آئون جڏهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندس ته انشآءُ الله پا??ستاني آمريڪين ڪميونٽي سان ضرور ملاقاتون ڪندس، وزيراعظم جي اها هدايت به آهي ۽ خواهش به آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستانين جو خصوصي خيال رکيو وڃي، ه?? چيو ته هو نادرا جي چيئرمين جو ٿورائتو آهي ته هن ڪميونٽي جي سهولت لاءِ قدم کنيا، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستانين کي ماضي ۾ رڪارڊ کي حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون کي منهن ڏيڻو پوندو هو، پر انهن قدمن جي ڪري اسان جي برادري کي درپيش مشڪلاتن جو ازالو ٿيندو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب اسان پنهنجي مشنز کي خصوصي هدايتون ڏنيون آهن ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستانين جو خصوصي خيال رکيو وڃي، ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جو ڪاروبار متاثر ٿيو پر آئون ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستانين جو ٿورو ادا ڪريان ٿو ته توهان 29.4 ارب ڊالر جي تاريخي رقم پا??ستان موڪلي، جنهن مان گهٽ ۾ گهٽ 3 ارب ڊالر آمريڪا کان موڪليا ويا، ه?? چيو ته اڄ ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌي چڪو آهي ۽ گڏيل قومن جو اجلاس هائيبرڊ طريقي سان منعقد ٿي رهيو آهي، اسان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستانين جي لاءِ ”ايف ايم پورٽل“ جو آغاز ڪيو آهي جنهن کي شروعاتي طور تي نيويارڪ سميت پنجن ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي. ه?? چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ اسان ان سهولت کي 21 ملڪن تائين سگهه ڏئي رهيا آهيون ۽ اهو سلسلو ج??ري رهندو. مون پرڏيهي وزارت جي آفيسرن کي واضح هدايتون ڏنيون آهن ته وسيلن جي گهٽتائي ته ٿي سگهي ٿي پر اخلاق جي گهٽتائي نه ٿيڻ گ??رج??. منهنجي علم ۾ آهي ته پا??ستاني آمريڪن ڪميونٽي، مقامي سياست ۾ پنهنجو اثر ۽ رسوخ رکندي آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پا??ستان جي قومي مفاد ۾ پا??ستاني آمريڪن ڪميونٽي موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسان گذريل سال کان مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي سرانجام ڏيندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستانين جي حوصلا افزائي لاءِ ”ايف ايم آنرز لسٽ“ جو آغاز ڪيو آهي. گذريل سال اسان ڪورونا وائرس جي وبا دوران خدمتون سرانجام ڏيندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستانين جي لاءِ ”آنرز لسٽ“ جو اعلان ڪيو، ه?? چيو ته هن سال اسان 40 سال کان گهٽ عمر ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڪامياب نوجوانن جي حوصلا افزائي جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان سدائين ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، اسان ان حوالي سان قانونسازي به ڪئي آهي ۽ مشڪلاتن جي باوجود به اسان جون ڪوششون جاري آهن ۽ جاري رهنديون. اسان پا??ستان ۾ پاليسي سازي ۾ توهان جي شموليت لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڪيترائي پا??ستاني جنهن کي مالي آسودگي حاصل آهي ۽ هو پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جو ارادو رکن ٿا ته انهن جي لاءِ اسان نيون سهولتون متعارف ڪرائي رهيا آهيون. ه?? چيو ته روشن ڊجيٽل پا??ستان منصوبي جي ذريعي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستاني 2 ارب ڊالر جي وڏي رقم پا??ستان موڪلي. وزيراعظم عمران خان معمولي ڏوهن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ قيد پا??ستانين جي آزادي لاءِ ڪوششون ڪيون، ٽائون هال ميٽينگز جي ذريعي اسان جا آفيسر ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستانين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن پرڏيهي وزير چيو ته توهان پا??ستان جو اهو اثاثو آهيو جيڪو خاموشي سان پا??ستان جي خدمت ڪندا پيا اچو. پا??ستان گذريل چئن ڏهاڪن کان 30 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو پيو اچي، پا??ستان ڪابل مان نڪرڻ جي عمل ۾ مختلف ملڪن جي سفارتي عمل ۽ شهرين کي ڀرپور مدد فراهم ڪئي، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پا??ستان جي ڪوششن جو اهڙي طرح اعتراف ناهي ڪيو ويو جيڪو هجڻ گ??رج?? ها، اڄ هيومن رائٽس جي تعظيم امتيازي طور تي ڇو ٿي رهي آهي، اسان هندستان جي خلاف ڊوزيئر ۾ سڀئي ثبوت دنيا جي سامهون رکيا، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي واپس گهرائڻ جو فيصلو سندن ڪرڪيٽ بورڊ ڪيو، آئون اڄ ميڊيا جي ذريعي سڀني کي چوندس ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۾ رڪاوٽون پيدا نه ڪن، اسان ووٽنگ سسٽم کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پر 90 لک جي لڳ ڀڳ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پا??ستانين کي انهن جي حق کان محروم نه ڪريو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير پا??ستاني آمريڪن ڪميونٽي کي نائيڪو، فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ ۽ وراثتي سرٽيفڪيٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ نيويارڪ قونصليٽ ۾ نئين نادرا سينٽر، لينڊ رڪارڊ سينٽر ۽ نئين ويب سائيٽ جو افتتاح ڪيو.
وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستاني سفارتخانا ۽ مشنز پرڏيهي پاڪستانين جي سهولت لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهن: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ