اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا و??ئر?? سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄ?? ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا و??ئر?? سبب 54 فوتگيون ٿيون جنهن مان 28 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄ?? ملڪ ۾ 2 هزار 363 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 54 ماڻهو ان و??ئر?? سبب فوت ٿيا جن مان 47 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 40 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طر?? ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 45 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 39 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 43 هزار 744 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 632، پنجاب ۾ 16 هزار 635، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 234، اسلام آباد ۾ 5 هزار 798، بلوچستان ۾ 584، گلگت بلتستان ۾ 419، آزاد ڪشمير ۾ 442 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 80 هزار 696 ٿي چڪو آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ