اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته جيڪي قومون قرضن تي گذارو ڪن ٿيون اهي پنهنجي عزت ۽ آزادي وڃائي ويهن ٿيون، قوم کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين، اسان م??ڪ ۾ اهڙو ماحول ٺاهي رهيا آهيون جو عوام ٽيڪس ڏي، ان سلسلي ۾ پاڻ بڻجنداسين، گستاخانا خاڪن جي معاملي تي او آءِ سي سان گڏجي حڪمت عملي ٺاهينداسين، بار ب??ر اهڙن واقعن جو ٿيڻ مسلمانن جي ناڪامي آهي. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي وزيرا??ظم عمران خان چيو ته اسان گستخانا خاڪن جو معاملو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سيپٽمبر ۾ اٿارينداسين، آئون اولهه جي ذهنيت ڄاڻان ٿو، اتان جو معاشرو اظهار راءِ جي آزادي جو قائل آهي ۽ ان ڳالهه کي نه ٿو سمجهي ته نبي ڪريم صه سان اسان کي ڪيترو پيار آهي، اسان جا جذبا ڪهڙا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں