گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪيوبا خلاف 32 سالن کان لاڳو آمريڪي اقتصادي پابند??ن جي خاتمي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نائب نمائندي عثمان جدون گڏيل قومن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ ڪيوبا ۾ بنيادي ش??ن جي کوٽ، بدترين معاشي بحران ت?? ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ طرفيون اقتصادي پابنديون لاڳو ڪرڻ غير نتيجي جوڳي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي مقصدن ۽ اصولن سان هڪ جهڙائي نٿيون رکن. ان موقعي تي جنرل اسيمبلي ڪيوبا تي آمريڪي پابند??ن جي خاتمي جي مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو. جنرل اسيمبلي ۾ ٿيل ووٽنگ ۾ ٺهراءُ جي حق ۾ 187 ووٽ وڌا ويا جڏهن ته رڳو ٻن ملڪن آمريڪا ۽ اسرائ??ل ٺهراءَ جي مخالفت ??ئي ۽ هڪ ملڪ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ان موقعي تي پاڪستاني نمائندي عثمان جدون چيو ته پاڪستان ڪيوبا جي پنهنجن وسيلن خاص طور تي خوراڪ ۽ دوائن جي حق کي تسليم ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي واضح ڪيو ته ڪيوبا تي آمريڪي پابند??ن جهڙا قدم پائيدار ترقي بابت 2030ع جي ايجنڊا ۾ شامل اسان جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نقصانڪار آهن ۽ اسان سمجهون ٿا ته پابندي جو خاتمو ڪيوبا جي ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم هوندو.
پاڪستان طرفان ڪيوبا خلاف آمريڪي پابنديون ختم ڪرڻ جي مطالبي جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ