واشنگٽن -29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي، ته هو اسرائيل جي ق??ضي هيٺ ??ولان جي جبلن ۾ راڪيٽ حملي ۾ شهرين جي فوتگي کان پوءِ اسرائيل ۽ لبنان جي سرحد تي ڇڪتاڻ ۾ اضا??ي جي مسئلي جي سفارتي حل تي ڪم ڪري رهيو آهي. وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان ايڊرين واٽسن پنهنجي بيان ۾ ان حملي لاءِ حزب الله کي ذميوار قرار ڏنو آهي، جڏهن ته حزب الله الزام کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي ترجمان چيو ته وائيٽ هائوس مجدل شمس تي راڪيٽ حملي کان پوءِ اسرائيلي ۽ لبناني اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهي ڇو ته ان واقعي جي نتيجي ۾ جنگ جو دائرو پکڙجڻ جا خدشا پيدا ٿي ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ