انقره- 31 جولاءِ (اي پي پي) ترڪ صد?? رجب طيب اردگان چيو آهي ته ??زه هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي قتل گاهه بڻجي چڪو آهي. ٽي آر ٽي مطابق هن چيو ته اولهه وارن اڳواڻن ۽ تنظيمن جو فرض آهي ته عالمي سلامتي کي يقيني بنائين، لڳ ڀڳ 300 ڏينهن کان ان ظلم ۽ بربريت کي صرف پري کان ڏسي رهيا آهن. هن چيو ته اسرائيل ظلم ۽ جارحيت ۾ هٽلر کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. اسرائيل جون جارحاڻيون پاليسيون سڄي خطي کي شديد خطري ۾ وجهي رهيون آهن ۽ هو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ??زه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن عالمي اڳواڻن کان اسرائيل جي جاري بربريت کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ان کان اڳ گهڻي دير ٿي وڃي، اسان کي هاڻي فوري قدمن جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2