ري??ض-27 ڊسمبر (اي پي پي)سعودي عرب جي ??جلس شوريٰ يمن ۾ امن عمل جي حمايت لاءِ تجويز ڪيل روڊ ميپ جي آجيان ڪئي آهي. ايس پي اي مطابق ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ??يادت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ يمن ۽ ان جي عوام لاءِ مملڪت جي حمايت ۽ معاونت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. يمن جي ڌرين کي ترغيب ڏني ته هو گڏيل قومن جي ??گراني ۾ هڪ جامع ۽ جٽادار سياسي حل لاءِ ڳالهين ۾ شامل ٿين. اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي اڳڀرائي خاص طور تي فلسطين جي علائقن جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. ڪابينا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل طرفان غزه لاءِ انساني امداد ۾ واڌ جي ??يصلي جي آجيان ڪئي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها پنهنجي ذميواري پوري ڪري. قابض اسرائيلي اختيارين طرفان شهرين خلاف عالمي ۽ جنگي قانونن جي ??نظم ڀڃڪڙين کي فوري طور تي بند ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪابينا موجوده سال جي ??عاشي نتيجن ۽ مملڪت جي سمورن علائقن ۾ جامع اقتصادي ترقي ۾ ڪردار ا??ا ڪندڙ ترقياتي منصوبن، پروگرامن جو جائزو ورتو جيڪو ويزن 2030ع جي ??دفن ??طابق آهي. ڪابينا انهن ڪمپنين سان حڪومتي معاهدن تي اثر انداز ٿيندڙ اهم منصوبن جي ??نظوري ڏني جنهن جي ??ملڪت ۾ علائقائي هيڊڪوارٽرز ناهن. اجلاس ۾ سعودي فوڊ اينڊ ڊرگ اٿارٽي جي انٽرنيشنل ميڊيڪل ڊوائيس ريگوليٽري فورم ۾ شموليت جي توثيق ڪئي وئي. برطانيه جي سيڪريٽ انٽيليجنس سروس سان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي ??ادداشت جي ??نظوري پڻ ڏني وئي.
سعودي ڪابينا طرفان يمن ۾ امن عمل لاءِ روڊ ميپ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس