اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جوهري ڌماڪن جي سالگرهه تي قوم، قيادت ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته تڪبير جو ڏهاڙو تاريخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، جڏهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نٿو بڻائي سگهي، يوم تڪبير اعلان هو ته پاڪستان آزاد ٿيو، آزاد آهي ۽ آزاد رهندو. تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ??اري وفاقي وزير ذوالفقار علي ڀٽو کان نواز شريف تائين سڀني اڳواڻن کي سلام پيش ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو جڏهن ته نواز شريف ان جي پڄاڻي ڪئي، نواز شريف دنيا تي ثابت ڪيو ته اسان کي خ??يد نٿو ڪري سگهجي نه ئي جهڪائي سگهجي ??و. ??ن چيو ته جوهري پروگرام جو تسلسل پاڪستان جي پنهنجي دفاع لاءِ ڪو ٺاهه نه ڪرڻ جو تاريخي ثبوت آهي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته جوهري پروگرام کي ٺاهڻ، پروا?? چاڙهن ۽ ان جو عمل مظاهرو ڪرڻ وارو هر ماڻهو قوم جو هيرو آهي جنهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف تڪبير جي ڏهاڙي تي 10 ڏينهن تقريبن جو اعلان ڪيو آهي، اتحاد جي جذبي سان اها خوشي ملهائينداسين، اطلاعات ??اري وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو، هن چيو ته تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جو ميثاق معيشت جو اعلان پاڪستان کي حقيقي معاشي آزادي ڏيارڻ طرف تاريخي قدم آهي، هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان ايٽمي پروگرام جي معمار ڊاڪٽر عبدالقدير خان مرحوم ۽ ان جي ٽيم ۽ سڀني سياستدانن کي سلام پيش ڪريون ٿا.
مريم اورنگزيب پاران جوهري ڌماڪن جي سالگرهه تي قوم کي مبارڪباد پيش
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں