اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ صنوبر جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي هنگامي امداد جي وفاقي ادارن کي فوري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??يلن ۾ باهه لڳڻ ??ان ٽن ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس ج?? اظهار ڪيو. وزيراعظم صوبائي حڪومت ??ان گڏجي 7 ڪلو??يٽ?? جي دائري ۾ لڳل باهه کي وسائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن واقعي جي جاچ ڪرائڻ ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وڏا برن سينٽرز منتقل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. هن چار زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب