اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) حڪومت واضح ڪيو آهي ته مخالف ڌر بي شڪ احتجاج ڪري پر قانون کي هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين، افراتفري پکيڙڻ لاءِ راند نه کيڏي وڃي، عمران خان ڪڏهن به اسرائيل کي تسليم نه ڪندو، ??در??ن جي شاگردن کي ڀڙڪائڻ لاءِ اشتعال انگيز نعرا نه هنيا وڃن، موجوده اليڪشن ڪم??شن اليڪشن ڪرائي ئي ناهي ته احتجاج جو ڪهڙو سبب آهي، مخالف ڌر ڪنهن اداري جي توقير تي سلامت رهڻ ڏي، مولانا فضل الرحمان اسلام آباد طرف نه پر اسلام جي طرف ڏسي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزيرن گهرو وزارت ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو ته وزيرن جي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي، هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان کي پنهنجي اعلان موجب مديني جي رياست طرز تي ٺاهڻ جو خواهشمند آهي، اسان ديني قوتن جو احترام ڪريو?? ٿا ۽ ??در??ن کي اسلام جو قلعو ۽ مينار سمجهو?? ٿا، هن چيو ته وفاقي گادي واري شهر ۾ 560 ??در??ا آهن جنهن مان صرف 92 رجسٽرڊ آهن، وزيرن جي ڪميٽي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا آهن جڏهن ته قانون واري وزير فروغ نسيم به اهم قانوني مشورا ڏنا آهن، هن چيو ته 19 جنوري تي مخالف ڌر پارٽيون اليڪشن ڪم??شن احتجاج لاءِ اچي رهيون آهن، اليڪشن ڪم??شن هڪ آئيني ادارو آهي، جيڪڏهن ان تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته ان جو ڪو جواز نه آهي، جنهن اسيمبلي جي خلاف احتجاج ڪرڻ وڃي رهيا آهن ان اسيمبلي جي اليڪشن ۾ حصو به وٺي رهيا آهن، چونڊ سڌارن طرف نٿا اچن، گهرو وزير چيو ته مارچ ۾ سينيٽ اليڪشن ۾ به مخالف ڌر حصو وٺندي، اسان اميد ڪريو?? ٿا ته مخالف ڌر امن امان جو مسئلو پيدا نه ڪندي، فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪيو ويندو ۽ حڪومت جي امن جي خواهش کي خراب نه ڪيو ويندو،
افراتفري پکيڙڻ لاءِ راند نه کيڏي وڃي، قانون کي هٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين: وفاقي وزيرن جي گڏيل پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر