اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي ??حران واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي پاڻي پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ رهنم?? اصولن تي ٻڌل مسودو جوڙيو وڃي. هو نيشنل واٽر ٽاسڪ فورس جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ حڪومتي ادارن جي واٽر سيڪٽر جي ??عليٰ عملدارن ۽ پاڻي شعبي ۾ وسيع تجربو رکندڙ تعليمي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير اعليٰ سطحي قومي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، جيڪو ملڪ ۾ پاڻي جي ??حفظ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪري. واضح رهي ته 1947ع ۾ پاڪستان ۾ في ڪس ساليانو پاڻي جي ??ستيابي 5 هزار 260 ڪيوبڪ ميٽر هئي جيڪا 2018ع ۾ هڪ هزار ڪيوبڪ ميٽر کان به گهٽ سطح تي اچي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ