بيروت -23 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل جي فضائيه لبنان جي ڏکڻ ۽ اوڀر حصن ۾ وڏي پئماني تي فضائي حملا شروع ڪري ڇڏيا آه??. پرڏيهي ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو ويو آه?? ته اسرائيل جي فضائي حملن ۾ ڏکڻ ضلع نباتيه، بنت حييل ۽ مرجعون جي ڪيترن ئي علائقن س??ن گڏوگڏ اوڀر علائقن بيڪادي، بعلبيڪ ۽ هرميل ۾ هدفن کي نشانو بڻايو پيووڃي. رپورٽ مطابق اسرائيل جي دفاع واري وزير يو ايو گيلانٽ لبنان ۾ فضائي حملا شروع ڪرڻ کان اڳ پنهنجي آمريڪي هم منصب لائيڊ آسٽن س??ن ڳالهايو آه?? ۽ کيس لبنان ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائي ج?? تفصيلن کان آگاهه ڪيو آه??. ان گفتگو ۾ وسيع تر علائقائي سلامتي ج?? صورتحال ۽ ايران ۽ ان جي حامي هٿياربند گروپن طرفان اسرائيل کي لاڳو خطرن تي به ڳالهيون ڪيون آه??. اسرائيل جي فوج لبنان ۾ پنهنجي فوجي ڪارروائي جا 3 هدف مقرر ڪيا آه?? جن ۾ لبنان جي سرحدي علائقن مان حزب الله جي ٺڪاڻن جو خاتمو، اسرائيل خلاف ڪارروائين جي حزب الله جي صلاحيتن کي ختم ڪرڻ ۽ حزب الله کي اسرائيلي سرحد سان واڳيل لبنان جي علائقن مان پوئتي هٽائڻ شامل آه?? ته جيئن اسرائيل کي لبنان س??ن واڳيل سرحد تي واقع آبادين مان ڪڍيل اسرائيلي شهرين کي سندن گهرن ڏانهن واپسي کي ممڪن بڻائي سگهجي، جڏهن ته آمريڪا لبنان ۾ موجود پنهنجن شهرين کي خبردار ڪيو آه?? ته هو فوري طور تي م??ڪ ڇڏي وڃن. آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ آه?? ته حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ باوجود ڪمرشل اڏامون هلي رهيون آه??. آمريڪي شهرين کي ج??ڪا به فوري فلائيٽ ملي وڃي ان ذريعي لبنان مان نڪري وڃن. حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ بيروت سميت لبنان ۾ بم ڌماڪن جي امڪاني نوعيت کي نظر ۾ رکندي آمريڪي سفارتخاني آمريڪي شهرين تي زور ڀريو آه?? ته هو لبنان ڇڏي ڏين.
اسرائيل لبنان تي وڏن فضائي حملن جي شروعات ڪري ڇڏي، آمريڪا پاران پنهنجن شهرين کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب