لاهور – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي غيرمعمولي صو??تح??ل ۾ صنعتي ۽ درآمدي شعبي جي هر ممڪن مدد سان ئي پاڪستان جي برآمدي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر طور پيش ڪري سگهجي ٿو، رڳو گئس تي هلندڙ ڪارخانن جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئن برآمدات جي پيداواري پهچ کي يق??ني بڻائي سگهجي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ معاون انڊسٽريل ۽ برآمدي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انرجي ڊويزن واري وفاقي و??ير انجنيئر خرم دستگير، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي و??ير چوڌري سالڪ حسين، ڪامرس واري وفاقي و??ير سيد نويد قمر، انڊسٽريز واري وفاقي و??ير سيد مرتضيٰ محمود، پيٽروليم واري مملڪتي و??ير مصدق ملڪ، قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، قانون واري صوبائي و??ير ملڪ احمد خان، لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن ۽ تيڪسٽائيل سيڪٽر جي ناليوارين ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف انڊسٽريل ۽ خاص طور تي ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي انرجي سپلائي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ بزنس مين جي نمائنده گروپ کي لاڳاپيل وزيرن سان فوري طور تي ملاقات ۾ مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي انڊسٽريل ۽ برآمدي سيڪٽر جي مسئلن جي جامع ۽ موزون قدمن ذريعي فوري حل ۾ پاڪستان جي معاشي بقاءَ لڪل آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معاشي طور تي غيرمعمولي صو??تح??ل ۾ انڊسٽريل ۽ برآمدي سيڪٽر جي هر ممڪن مدد سان ئي پاڪستان جي برآمدي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر طور پيش ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف رڳو گئس تي هلندڙ ڪارخانن جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني جي هدايت ڪئي ته جيئن برآمدات جي پيداواري پهچ کي يق??ني بڻائي سگهجي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ معاون انڊسٽريل ۽ برآمدي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج