اسلام آب??د ?? 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان ڇنڇر ڏينهن هڪ سي 130 جهاز مزار شريف روانو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثر افغانستان جي عوام جي لاءِ هنگامي امدادي سامان موڪل??و ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب امدادي سامان ۾ تنبو، اٽو، چانور ۽ کنڊ شامل هئا. پاڪستان پاران افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ خيرسگالي جذبي طور ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ خوراڪ ?? عارضي رهائشگاهن جي سامان تي ٻڌل ٻيو جهاز موڪل??و ويندو. بيان موجب پاڪست??ن هڪ پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان افغان عوام جي لاءِ انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، اميد آهي ته عالمي برادري به افغانستان ۾ متاثر ماڻهن کي وقت سر امداد ۽ معاشي امداد فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي.
مضمون کا ماخذ : números quina hoje