اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) حڪومت پاران ڳالهين لاءِ ٽيم جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ جمهوريت نه ٿا چا??ين پر زبردستي حڪومت ڪيرائڻ چا??ين ٿا، هڪ طرف ڳالهين ۽ ٻئي طرف ڪاهه ڪرڻ ??ي ڳالهه ڪن ٿا، وزيراعظم جي استعيفيٰ تي ڪا ڳالهه نه ٿيندي، ان بابت ڪير سوچي به نه، مولانا فضل الرحمان جي بيان تي عدالت سان رجوع ڪنداسين ان حوالي سان اسان جو ڪيس تيار ٿي رهيو آهي، مخالف ڌر جي لاءِ اسان جا دروازا اڃا به کليل آهن، ٽڪراءُ نه ٿا چا??يون پر جيڪڏهن ڪجهه غلط ٿيو ته سڀ ذميواري مخالف ڌر تي هوندي، چو??ڊن ۾ جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي ته لاڳاپيل ادارن سان رجوع ڪيو وڃي. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته اجلاس ۾ ڪيترن ئي معاملن تي متفقه ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ