اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت فلمي ??نع?? جي ترقي ۽ بحالي لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم عمران خان فلمي شعبي جي بحالي کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، سندس ويزن آهي ته ملڪي ثقافت، روايتن ۽ مذهبي قدرن سان جڙيل ڊراما ۽ فلمون ٺاهيون وڃن، اسان کي پاڪستان جو روشن چهرو پوري دنيا ۾ روشناس ڪرائڻو آهي. اسان فلمي ??نع?? کي درپِيش مسئلن جو چڱي ريت جائزو وٺي رهيا آهيون، سموريون لاڳاپيل ڌريون فلم پاليسي جو جائزو وٺن، ??ثب?? تجويزن جي آجيان ڪنداسين، فلمي ??نع?? جي بحالي جي حوالي سان عمل قدم کنيا ويندا، ان ڏس ۾ اطلاعات واري وزارت فوڪل پرسن مقرر ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلم پ??وڊ??وسرز ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن