اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ڪنهن شارٽ ڪٽ سان نه عوام جي ووٽن ۽ ??ار??نن جي جدوجهد سان اقتدار ۾ آئي آهي، اسان ئي پاڪستان کي ان بحران مان ڪڍنداسين، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي وارا ڪرپشن جو پئسو بچائڻ لاءِ گوڙ ڪري رهيا آهن، انهن جا مفاد پاڪستان جي مفادن سان ٽڪراءُ ۾ آهن، انهن موجب جمهوريت جو مطلب چوري بچائڻ آهي، انهن کي اين آر او ڪنهن به صورت ۾ نه ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي 23 هين يوم تاسيس جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 23 سالا جدوجهد تي ??ار??نن کي سلام پيش ڪريان ٿو، سياست ۾ لاها چاڙها ۽ سٺو ۽ خراب وقت ايندو رهندو آهي پر مس??سل جدوجهد سان ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي، هن چيو ته سياست ۾ اچڻ کان پهرين الله مون کي شهرت ۽ عزت سان نوازيو هو، آئون ??ياست ۾ خدمتن لاءِ آيو آهيان ڇو ته الله تعاليٰ مون کي ايمان سان نوازيو آهي ۽ منهنجي زندگي جو مقصد ذاتي فائدي مان نڪري ماڻهن جي خدمت آهي ڇو ته آئون ??مجهان ٿو ته آئون ??لله کي جوابده آهيان، جڏهن الله عزت ڏيندو آهي ته وڏي ذميداري به ڏيندو آهي ۽ ان ذميداري جي بار?? ۾ ??خرت ۾ حساب ڏيڻو پوندو.
پاڪستان تحريڪ انصاف ڪنهن شارٽ ڪٽ سان نه عوام جي ووٽن ۽ ڪارڪنن جي جدوجهد سان اقتدار ۾ آئي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا