اسڪردو – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت رڳو نعرن ۽ دعوائن تي نه پر عملي قدمن تي يقين رکي ٿي، اسان نه رڳو منصوبا شروع ڪريون ٿا پر انهن کي پڄاڻي تائين پهچايون ٿا، جمهوريت جي تسلسل ۽ حڪومتن جي مدي پور ٿيڻ سان ئي عوام جا مسئلا حل ٿيندا، گ??گت بلتستان جي ترقي لاءِ پرعزم آهيون ۽ ان مقصد جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلتستان يونيورسٽي جي افتتاح ۽ گ??گت اسڪردو روڊ تي ڪم جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ جي موقعي تي هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. گ??گت بلتستان جو گورنر مير ??ضنفر علي، گ??گت بلتستان جو وڏو وزير ??افظ حفيظ الرحمان، ڪشمير ۽ گ??گت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري برجيس طاهر، مواصلات وارو وزير ??افظ عبدالڪريم، مملڪتي وزير ??نيد انوار چوڌري، گ??گت بلتستان ڪائونسل، گ??گت بلتستان قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ۽ علائقي جي اڳواڻن جو هڪ وڏو انگ موجود هو.
مسلم ليگ (ن) جي حڪومت نعرن نه پر عملي قدمن تي يقين رکي ٿي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino