دوشنبي – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سان گوادر کان ڪاشغر تائين علائقا??ي رابطن ۽ يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا ملندا، ان سان تاجڪستان ۽ بين وچ ايشيا??ي رياستن جي وچ ۾ رستي وسيلي رابطا پڻ فراهم ٿيندا، پاڪستان تاجڪستان سان سلامتي تعاون کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ دهشتگرد?? جي خاتمي، منشيات جي خاتمي، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سرحدي ڪنٽرول جي سلسلي ۾ هڪ ٻئ?? جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيرا??ظم محمد نواز شريف تاجڪ قيادت سان نويڪلائي ۽ و??دن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته هو تاجڪستان ۾ سياسي استحڪام، سماجي هم آهنگي ۽ ان جي شاندار اقتصادي ترقي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته ٻنهي طرفن کان رستن، ريل ۽ هوا??ي رابطن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.
سي پيڪ سان علائقائي رابطن کي فروغ لاءِ نوان موقعا ملندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر