اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2013ع جي پنهنجي چونڊ منشور ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اڄ ان واعدي جي تڪميل ڪئ?? پئي وڃي، پاڪستان ۾ ڇهين آدمشماري جي لاءِ سڀئي تياريون مڪمل آهن، انفارميشن ڊيپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات جي مملڪتي وزري مريم اورنگزيب چيو ته گذريل آدمشماري 1998ع ۾ وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ ٿي هئي ۽ هنيئر ٻيهر وزيراعظم جي ويزن تحت ڇهين آدمشماري ڪرائي رهيا آهي??ن ته جيئن درست انگن اکرن تحت مستقبل جي منصوبابندي ڪري سگهجي. هن چيو ته ان حوالي سا?? سمورن حصيدارن سان تفصيلي مشاورت ڪئ?? وئي آهي ۽ ملڪ ۾ جاري دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ امن امان جي صورتحال سبب ان عمل ۾ دي?? ٿي. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ملڪ ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، هن چيو ته 1998ع جي آدمشماري هڪ مرحلي ۾ 19 ڏينهن دوران مڪمل ڪئ?? وئي جنهن ۾ 2 لک 50 هزار اهلڪارن مدد ڪئ?? هئي، هن چيو ته موجوده آدم ۽ گهر شماري دوران پاڪ فوج جي شموليت ۽ مدد جي حوالي سان حالتون مختلف هيون، تنهن هوندي به پاڪ فوج ان قومي فرض جي ادائيگي لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون ۽ چيو ته آدمشماري جو عمل ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن هٿياربند ??وج طرفان افرادي قوت جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي
آدمشماري جي لاءِ تياريون مڪمل آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ