اوٽاوا-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سفارتي محاذ تي ڀارت کي ھڪ وڏو جھٽڪو لڳو ??هي ڪينيڊا ڀارتي ھاءِ ڪمشنر سنجي ڪمار ورما ۽ 5 سفارتي اھلڪارن کي جلاوطن ڪري ڇڏيو آھي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق خالصتان نواز سک اڳواڻ ھرديپ سنگهه ن??ر جي ??تل ڪيس سبب ڀارتي سفارتڪارن کي ڪينيڊا مان ملڪ بدر ڪيو ويو آھي. ان کان اڳ ڀارت پنھنجي شرمندگي کي لڪائڻ لاءِ ڪينيڊا مان پنھنجي ھاءِ ڪمشنر ۽ سفارتڪارن کي واپس گھرائڻ جو فيصلو ڪيو، انھن سفاتڪارن کي ڪينيڊا خالصتان نواز سک اڳواڻ هرديپ سنگ نجر جي ??تل جي جاچ ۾ شامل ڪيو ھو. ڀارتي پرڏيھي وزارت نئين دھلي ۾ ڪينيڊا احتجاج ۾ ناظم الامور کي به طلب ڪري ورتو. ڀارتي پرڏيھي وزارت چيو ته ڪينيڊا ۾ موجود ڀارتي سفارتڪارن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان مودي حڪومت کي ڪينيڊا جي ??وجوده حڪومت تي اعتبار نه آھي. ڀارت جوابي قدمن جو حق رکي ٿو. واضح رھي ته ٻنھي ملڪن وچ ۾ تڪر??ر جي شروعات گذريل سال ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ ھرديپ سنگه ن??ر جي ??تل بعد ٿيو ھو. ڪينيڊا جي ??زيراعظم ھرديپ سنگ نجر جي ??تل جا الزام ڀارتي حڪومت تي لڳايا ھئا. ان کانپوءِ ڀارت 41 ڪينيڊين سفارتي اختيارين کي ملڪ ڇڏڻ جو چيو ھو.
ڪينيڊا پاران ڀارت جي ھاءِ ڪمشنر سميت 5 سفارتڪار ملڪ بدر
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن