ساپالو – 15 جنوري (ا?? پي پي) براز??ل جي ڏکڻ اوڀر واري رياست ريوڊي جنيرو ۾ شديد برساتن سبب مٽي جون ڇپون ڪرڻ ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق برساتن ريوڊي جنيرو شهر جي اترئين حصي ۽ ويجهن ميونسپلٽيز سميت نائٽروئي، ڊيوڪ ڊي ڪسياس، پلفورڊروڪسو ۽ ساجوس ڊي ميرٽي کي پڻ متاثر ڪيو ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ گهٽيون بوڏ جي پاڻي سان ڀرجي ويون. فائر ڊيپارٽمنٽ ٻڌايو ته ٻوڏ سبب ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجا گهر خالي ڪرڻا پيا. شهر جي ميئر ا??ڊو???? پيس هنگامي وسيلن تائين پهچ ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي سار سنڀال لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪ??ڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي پاسي براز??ل جي صدر لولا ڊي سلوا وفاقي حڪومت طرفان متاثر علائقن لاءِ امداد جو اعلان ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو