گڏيل قومون-21 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ان ڳالهه جي جاچ ڪرائي ته ڪالعدم تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) طرفان پاڪستان خلاف سرحد پار حملن ۾ استعمال ٿيندڙ جديد هٿيار ڪيئن حاصل ڪيا. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ??ني?? اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ افغانستان جي صورتحال تي بحث دوران ڀارت جي حوالي سان واضح طور تي چيو ت?? اسان وٽ ان ڳالهه جا به ثبوت آهن ته ٽي ٽي پي کي اسان جي اصل مخالف جي حمايت حاصل آهي. پاڪستاني نمائندي چي?? ته ٽي ٽي پي ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمون پاڪستان جي سرزمين تي سرحد پار منظم دهشتگرد حملن ۾ ملوث آهن، ان گروپ وٽ پرڏيهي فوج جي ڇڏيل هٿيارن تائين رسائي آهي جنهن سان اهو سوال پيدا ٿئي ٿ?? ته ٽي ٽي پي انهن هٿيارن تائين پهچ ڪيئن حاصل ڪئي. ان سلسلي ۾ هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪي?? ته چاهي اهو يو اين اي ايم اي هجي يا ڪا ٻي ايجنسي ان ڳالهه جي مڪمل جاچ ڪري ته اهي هٿيار ٽي ٽي پي جي هٿن ۾ ڪيئن آيا ۽ اهن جي واپسي جي طريقن جي نشاندهي ڪئي وڃي. پاڪستان نمائندي چي?? ته جيتوڻيڪ افغانستان جي عبوري حڪومت داعش خلاف جنگ ۾ ڪجهه ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر حقيقت اها آهي ته ڪيترائي دهشتگرد گروه افغانستان ۾ موجود آهن، هن چي?? ته پاڪستان ۾ صرف هلندڙ سال انهن حملن ۾ سوين فوجي ۽ شهري شهيد ٿيا ۽ گذريل هفتي ٽي ٽي پي سان لاڳاپيل گروپ ڊير?? اسماعيل خان ۾ اسان جي سيڪيورٽي اهلڪارن تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 23 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀري?? ته افغانستان ۾ امن پاڪستان لاءِ اسٽريٽجڪ اڻٽر آهي، هن چي?? ته افغانستان ۾ امن امان ۽ استحڪام جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، داعش خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي ۽ ڪرپشن ۾ گهٽتائي آئي آهي. ??ني?? اڪرم چي?? ته جيتوڻيڪ افغانستان ۾ عبوري حڪومت جي دعويٰ آهي ته امن بحال ٿي ويو آهي، ان کي پنهنجي پناهگيرن جي جلد وطن واپسي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جي وطن واپسي کي پاڪستان جي جائز معاشي ۽ سماجي خدشن سبب پيدا ٿيل هڪ اڻٽر مجبوري قرار ڏيندي چي?? ته ان تي جيترو ممڪن ٿي سگهي انساني همدردي جي گهرجن موجب عمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ت?? اسان انهن ملڪن تي زور ڀريون ٿا ته اهي انهن ماڻهن کي قبول ڪرڻ لاءِ پنهنجي قدمن ۾ تيزي آڻين ۽ پاڪستان تي بار کي گهٽ ڪن. هن چي?? ته افغان عملدارن سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين کي دهشتگرد تنظيمن جي سرگرمين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي قدمن سميت ڪيترن ئي معاملن تي ان جي رد عمل تي ٻڌل هجڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ افغانستان مان دهشتگردي جي پکيڙ ۾ اضافو ٿيندو جنهن سان نه رڳو خطو پر پوري دنيا کي خطرو آهي.
گڏيل قومون پاڪستان خلاف ٽي ٽي پي جي سرحد پار حملن ۾ جديد هٿيارن جي استعمال جي جاچ ڪرائي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا