رياض- 23 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزير توفيق الربيعه ??يو آهي ته مملڪت جو سفر ڪندڙ عالمي حج پانڌيئڙن جي حج خرچن جي لاڳت ۾ 39 سيڪڙو جي گهٽتائي ڪ??ي وئي آهي، سعودي ميڊيا موجب هن حج لاءِ مملڪت جي تيارين تي روشني وجهندي ??يو ته هلندڙ سال حج سيزن دوران مجموعي طور تي 37 سرڪاري ادارا حج پانڌيئڙن کي خدمتون فراهم ڪندا?? حج پانڌيئڙن جو انگ ڪورونا ڪوائرس جي وبا کان اڳ جي سطح تي واپس اچي ويو آهي، ڪووڊ -19 جي ڪ??ي سعودي عرب ۾ پابنديون لاڳو هجڻ کان اڳ تقريبن 26 لک ماڻهو هر سال حج جو فرض ادا ڪندا هئا، ان کانسواءِ سعودي هلال احمر هلندڙ حج سيزن دوران مقدس ماڳن تي هنگامي خدمتون لاءِ 8 آگسٽ اويسٽ لينڊ اي ڊبليو 139 هيلي ڪ??پٽر مختص ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي. ان هيلي ڪ??پٽرز کي مقدس ماڳن تي هنگامي طبي خدمتن لاءِ استعمال ڪيو ويندو، هي هيلي ڪ??پٽر جديد اوزارن، اهل طبي عملي تي ٻڌل آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري رد عمل کي يقيني بڻائڻ جي صلاحيت رکن ٿا، سعودي عرب جي مقدس شهر مڪي شريف ۾ ساليانو حج 26 جون کان شرو ع ٿيندو، ٻئي طرف خادم حرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز هلندڙ سال حج ادا ڪرڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن کان ايندڙن جي آجيان ڪئي.
عالمي حج پانڌيئڙن جي خرچن ۾ 39 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي: سعودي وزير
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری