اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان وچ ۾ پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي ترق?? ۽ ??وشحاليءَ لاءِ انتهائي اهم آهي، گڏيل واپار کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ سيڪريٽري موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي سفير ??ضر فرحاديو سان ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻه لاڳاپا ثقافتي ۽ مذهبي قدرن سان جڙيل آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ مذهبي قدرن تي ٻَڌل لاڳاپا قائم آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي ترق?? ۽ ??وشحاليءَ لاءِ انتهائي اهم آهي، ٻنهي ملڪن هميشه هڪٻئي جي مؤقف جي هر اهم فورم تي حمايت ڪئي آهي. آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ ٿيندڙ سي او پي 29 ڪانفرنس ۾ پاڪستان ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته اسان جي ٻه طرفي واپار ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ مسلسل اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، جڏهن ته اسان جو ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو هاڻ تائين پنهنجي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي، گڏيل واپار کي وڌائڻ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جو راباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي نقطه نظر جي حمايت ڪري ٿو، ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني نقطه نظر جي حمايت تي آذربائيجان جا شڪرگذار آهيون. هن چيو ته اسلام آباد/لاهور/ڪراچ?? ۽ ??اڪو وچ ۾ هفتي دوران 6 اُڏامون هلي رهيون آهن جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار?? ۽ ??يڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سينيٽ چيئرمين چيو ته توانائيءَ جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ به انتهائي اهميت رکي ٿي، اها ڳالهه سٺي آهي ته سمورن علائقائ?? ۽ ??المي تنظيمن خاص طور گڏيل قومن، او آءِ س?? ۽ ??يس سي او ۾ اسان جو ٻه طرفو سهڪار مضبوط ۽ غير متزلزل آهي. هن چيو ته اعليٰ سطح تي پارلياماني وفدن جي ڏي وٺ ۾ تيزي آڻڻ جي سخت ضرورت آهي. پارلياماني وفدن جي ??ٽا??ٽا سان عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ تقويت ملندي. صدر الهام عليوف جي قيادت ۾ آذربائيجان نمايان ترقي ڪئي آهي، پاڪستان آذربائيجان جي ترقي، خوشحال?? ۽ ??من امان جي قيام جي حوالي سان قدمن کي ساراهي ٿو. سينيٽ چيئرمين، آذربائيجان جي قيادت، آذربائيجان جي ملي مجلس جي سربراهه ۽ عوام لاءِ نيڪ خ??اه??ن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سفير ??ضر فرحاديو چيو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان وچ ۾ بهترين لاڳاپا قائم آهن، آذربائيجان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خ??اه?? رکي ٿو ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، جنهن سان ڀرپور فائدو کنيو ويندو.
پاڪستان آذربائيجان وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ٻنهي ملڪن لاءِ انتهائي اهم آهي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار