ماسڪو-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ??ھي ته گڏيل سيڙپڪاري ذريعي پاڪستان ۽ روس جي واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ چاھيون ٿا.سيڙپڪاري بورڊ پا??ان جاري پڌرائي مطابق وفاقي وزير ماسڪو ۾ پاڪ –; روس بزنس فورم ۾ شرڪت ڪئي. فورم ۾ پاڪستان جي 60 ڪمپنين جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير فورم جي پھرين ڏينھن بزنس سيشن کي خصوصي طور خطاب به ڪيو. وفاقي وزير فورم ۾ شرڪت دوران روس جي صنع?? ۽ ??اپار واري وزير سان ملاقات کان علاوه ماسڪو ۾ روس جي واپاري برادري سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ان موقعي تي وفاقي وزير عبدالعليم خان جي ماسڪو چيمبر آف ڪامرس ۽ بزنس ايسوسي ايشن جي نمائندن سان پڻ ملاقات ٿيندي. واضح رھي ته ھو پنھنجي ٽن ڏينھن واري دورو دوران روس جي ڪاروباري شعبن سان لاڳاپيل ماڻھن سان وڌ کان وڌ ملاقاتون ڪندو. روس جي دوري ۽ فورم جي حوالي سان وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ??ھي ته روس جي دوري سان ٻنھي ملڪن جي ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي وڌيڪ ويجھو آڻڻ چاھيون ٿا. گڏيل سيڙپڪاري ۽ سھولتن سان گڏ روس ۽ پاڪستان جي ماتحت ڪاروبار کي ھٿي ڏيڻ ڇاھيون ٿا. عبدالعليم خان ماسڪو ۾ روس جي وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري اختيارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو جنھن سان پاڪ –; روس واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي.
سيڙپڪاري ذريعي واپاري لاڳاپن کي ھٿي ڏيڻ چاھيون ٿا: وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا