اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان کي ڀارت ۾ تابڪار مو??د جي چوري ۽ غيرقانوني وڪري جي بار بار پيش ايندڙ واقعن جي رپورٽس تي سخت ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ تابڪار مو??د سان گڏ هڪ گينگ جي گرفتاري تي پاڪستان جي ردعمل بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن هڪ بيان ۾ چيو ته تازي واقعي ۾ هڪ انتهائي تابڪار ۽ زهريلو مو??د ڪيليفورنيم غيرقانوني طور تي ماڻهن جي هڪ گروهه جي قبضي ۾ ڏٺو ويو، جنهن جي م??لي?? 100 ملين ڊالر آهي، 2021ع ۾ ڪيليفورنيم جي چوري جا 3 واقعا به رپورٽ ٿيا هئا، گذريل مهيني 5 ماڻهو ڀاڀا اٽامڪ ريسرچ سينٽر (بي اي آر سي) مان مبينا طور تي چوري ٿيندڙ تابڪار ڊيوائيس سان گڏ دهرادون ۾ ڏٺا ويا هئا. ت??جم??ن چيو ته بار بار ٿيندڙ اهي واقعا نئين دهلي پاران ائٽمي ۽ ٻئي تابڪار مو??د جي حفاظت لاءِ کنيل قدمن تي سواليه نشان آهن. هن چيو ته اهي واقعا ڀارت ۾ حساس، ٻٽي استعمال جي مو??د جي بليڪ مارڪيٽ جي وجود جي به نشاندهي ڪن ٿا، عالمي برادري ڀارتي عملدارن کان ان ڳالهه تي سنجيدگي سان پڇاڻو ڪرڻ جي خواهشمند آهي ته ڪيليفورنيم وانگر هڪ سيل شده تابڪار ماخذ (ايس آر ايس) مو??د ڪهڙي طرح پڪڙجي ويل ماڻهن جي قبضي ۾ هو. ت??جم??ن چيو ته ڀارت ۾ اهڙي طرح جي حساس مو??د جو غلط هٿن ۾ وڃڻ جو معمول خطرناڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن واقعن جي مڪمل جاچ ۽ انهن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ مناسب قدمن جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو.
پاڪستان کي ڀارت ۾ تابڪار مواد جي چوري ۽ غيرقانوني وڪري جي بار بار پيش ايندڙ واقعن جي رپورٽس تي سخت ڳڻتي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ