اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي، پاڪستان چين سان ترجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حوالي سان ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون، چيني تعاون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??ڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ??نص??بابندي واري ??فاقي وزير احسن اقبال، واپار واري ??فاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن واري ??فاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري ??فاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري ??فاقي وزير مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار واري ??فاقي وزير راڻا تنوير حسين، پاور واري ??فاقي وزير اويس احمد خان لغاري، سامونڊي معاملن واري ??فاقي وزير قيصر احمد شيخ (وڊيو لنڪ ذريعي)، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري ??ملڪتي وزير شزه فاطمه، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لا??اپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وفاقي وزارتن پاران پاڪستان چين ٻطرفي معاشي لا??اپن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي. هن چيو ته چيني انڊسٽري خاص طور تي چيني ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيون ٿا، حڪومت چيني صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان جامع پلان جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته چيني تعاون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. ايگريڪلچر ڊيمانسٽريشن زونز جو قيا?? سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حوالي سان اهم ??نص??بو هوندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين سان ترجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته لا??اپيل وزارتون پاڪستان چين جي تعاون جي نئين ??نص??بن جي حوالي سان تياري ڪن ۽ بزنس ٽو بزنس رابطا وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ ۾ چين پاڪستان جو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي، پاڪستان چين سان ترجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste