اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري سان نه رڳو گهري قابل قدر حصيداري کي سگهه ملندي پر اهو علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي. هو خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) فورم کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ سعودي پرڏيهي وز??ر شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود جي قيادت ۾ دورو ڪندڙ اعليٰ سطحي سعودي وف?? شرڪت ڪئي. دوري ڪندڙ وفد ۾ پاڻي ۽ زراعت وارو سعودي وز??ر انجنيئر ??بد??لرحمان ??بد??لامحسن آل فضلي، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو سعودي وز??ر بندر ابراهيم آلخريف، سيڙپڪاري وارو خصوصي وز??ر ابراهيم بن يوسف المبارڪ، سعودي خصوصي ڪميٽي جو سربراهه محمد مازياد التويجري ۽ توانائي واري وزارت ۽ سعودي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جا سينيئر عملدار شامل آهن. پرڏيهي وز??ر چيو ته موجوده حڪومت جو هدف سيڙپڪاري خاص طور تي سعودي عرب جي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش ماحول پيدا ڪندي پاڪستان کي اقتص??دي سرگرمي ۽ جدت رکندڙ مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ آهي. پرڏيهي وز??ر وفد کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ مددگار ثابت ٿيندي. پرڏيهي وز??ر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري کي قدر ۽ اداراجاتي نظام جي لاءِ ذريعي جي طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري اسلامي ورثي ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مف??دن تي ٻڌل مضبوط لاڳاپا قائم آهن ۽ سعودي وفد جي دوري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ۽ پائيدار رابطن کي اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب سان پراڻي ۽ آزمايل دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم عنصر آهي، ان جو مقصد روايتي طور تي ڀائراڻن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ اقتص??دي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن وفد کي ٻڌايو ته ايس آءِ ايف سي پليٽ فارم جو مقصد سيڙپڪاري جي حوالي سان لاڳاپيل عمل کي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏيڻ ۽ فيصلاسازي کي موثر بڻائڻ آهي. هن چيو ته بني??دي ڍانچي کي سگهه ڏيڻ، ريگيوليٽري فريم ورڪ کي هموار ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ سڌي سنئين غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار عمل کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪائونسل جو مرڪزي ڪردار آهي. پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان زرخيز زرعي زمين، فعال افر??دي قوت، معدني وسيلن، متحرڪ آءِ ٽي سيڪٽر، شمسي، هائيڊرو ۽ ونڊ جهڙي قابل تجديد توانائي جي وڏن امڪانن سان مالامال آهي. هن چيو ته پاڪستان جي زرخيز زمين زرعي ٽيڪنالاجي ۽ فوڊ پراسيسنگ ۾ تمام گهڻا موقعا فراهم ڪيا آهن. پاڻي وسيلن جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ پاڪستان جي لاءِ ريجنل فوڊ باسڪيٽ بڻجڻ جو امڪان پيدا ڪري ٿو. هن چيو ته ملڪ جي کاڻين جي شعبي خاص طور تي تانبي، سون ۽ قيمتي معدنيات سان معروف ٽٿيان بيلٽ ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جنهن مان به اڃا تائين فائدو ناهي کنيو ويو. هن چيو ته گڏيل ڪوششن جي ذريعي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ڌرين کي دستياب وڌيڪ موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.
پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري سان نه رڳو گهري قابل قدر حصيداري کي سگهه ملندي پر اهو علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي: پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria