اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جا حملي آور اڄ ملڪي مفاد تي حملي آور آهن، ملڪي مفاد جي خلاف ڳالهه ڪندڙ پاڪستان جا دشمن آهن، پنهنجي سياسي مفاد ۽ اناءَ کي ملڪي مفاد تي ترجيح ڏيڻ قابل مذ??ت ۽ افسوسناڪ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته تحريڪ انصاف اڳ ۾ ملڪي مفاد جي خلاف بيان ڏنو پوءِ ان کان لاتعلقي جو ??ظه??ر ڪيو، اهو پي ٽي آءِ جو پراڻو شيوو آهي، انهن جو ليڊر اڳ ۾ ئي ڪرپشن جا ڪيس ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري پاڪستان جي دشمنن کي هضم نه پئي ٿئي، اهڙن عنص??ن جي لاءِ هدايت جي دعا ڪريون ٿا، ڪاش اهي ملڪ جي مفاد ۾ به ڳالهه ڪري سگهن. هن چيو ته سياسي مخالفت ۾ ملڪ دشمني نا??ناسب آهي، توهان اسان تي تنقيد ڪريو پر پاڪستان تي تنقيد نا??ابل برداشت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اسان جا دوست ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ تعاون جي حمايت ۽ دوستي جو هٿ وڌائي رهيا آهن، پاڪستان انشاءَ الله ترقي ڪندو، اسان پنهنجي دوست ملڪن سان رابطا وڌائينداسين.
9 مئي جا حملي آور اڄ ملڪي مفاد تي حملي آور آهن، ملڪي مفاد جي خلاف ڳالهه ڪندڙ پاڪستان جا دشمن آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر