اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس رهائشگاهه تي وي?? جتي هن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي همدرد?? ۽ ??عزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مرحوم رياض کوکر جي درجن جي بلن??ي لا??ِ دعا ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ رياض کوکر جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو پرڏيهي وزارت جو باصلاحيت آفيسر هو، هن عالمي سطح تي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ موقف کي بهتر طريقي سان اجاگر ڪيو، پاڪستان حڪومت جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هو.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس