اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اڄ هڪ عظيم دوست ک??ن محروم ٿي ويو، لي ڪي چيانگ پاڪ چين اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو وڏو حامي هو، لي ڪي چيانگ هڪ ويزنري اڳواڻ هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مون کي چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي انتهائي افسوس ٿيو، پاڪستاني عوام پار??ن لي ڪي چيانگ جي خاندان، چيني عوام ۽ قيادت سان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته مارچ 2020ع ۾ چين جي پنهنجي يڪجهتي جي دوري دوران مون کي بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ ساڻس ملڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، مون لي ڪي چيانگ کي هڪ مخلص دوست ۽ اسان جي سدابهار دوستي کي وڌي?? مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرجوش ڏٺو.
صدر پاران چين جي اڳوڻي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش